تولڙو بابا

تولڙو بابا: اهلسنت والجماعت حنفي بريلوي مسلڪ جي نقشبندي طريقي جو بزرگ، جنهن جو پورو نالو خواجا عبدالقادر نقشبندي هو. اوڀر پنجاب جي ضلعي جالنڌر جي ڳوٺ ’فلور‘ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ خواجا حاجي ڪريم بخش کان حاصل ڪيائين. شريعت ۽ طريقت جي سکيا ۽ اصول پڻ پنهنجي پيءُ کان سکيائين. پيءُ جي وفات کان پوءِ ’فلور‘ ڇڏي پنهنجي چاچي، توڪل شاهه جي خدمت ۾ پيش ٿي فيض حاصل ڪيائين. چاچي جي وفات کان پوءِ تقريباً پنجويهه ٽيهه سال گوشي نشين رهيو، ۽ پوءِ اجمير ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي خواجه غريب نواز کيس حڪم ڪيو ته الور جي رياست جي ڳوٺ ’تولڙا‘ ۾ وڃي رهي. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان آيو ۽ لاهور ۽ بهاولپور کان ٿيندو ڪراچيءَ پهتو، جتان حيدرآباد ۾ آيو. حيدرآباد جو شهر کيس پسند آيو ۽ 1952ع ڌاري پاڻ هڪ مريد وٽ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1958ع ۾ حيدرآباد جي علائقي هيرآباد ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو. پاڻ اعليٰ پايي جو بزرگ هو. سندس وصال 113 سالن جي ڄمار ۾، 1961ع ۾ ٿيو. سندس مزار هالا ناڪي لڳ، چئنل موريءَ کان الهندي طرف، ڳوٺ نورخان چانگ ويجهو آهي، جتي هرسال ڏهين ربيع الاول تي ميلو به لڳندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو